حڪيم غلام رسول لاکو

حڪيم غلام رسول لاکو

حڪيم غلام رسول لاکو

حڪيم غلام رسول لاکو: نامور حڪيم، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ رسول لاکو'>حڪيم غلام رسول لاکو ولد حاجي محمد عباس لاکو 5 اپريل 1952ع تي ڳوٺ دودي ٻگهيي، تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ حاجي عمر سيٺر مان پاس ڪرڻ بعد مختلف ديني مدرسن مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. فاضل عربي سنڌ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان؛ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ۽ فاضل طب و الجراحت، اعظم طبيه ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سندس ڏاڏاڻي توڙي ناناڻي خاندان مان ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ حڪيم ٿي گذريا آهن، تنهنڪري لکڻ، پڙهڻ ۽ حڪمت جو ڌنڌو کيس ورثي ۾ مليو. هن علم طب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پنهنجين ڪوششن سان 1980ع ڌاري مهراڻ طبي ايسوسيئيشن موري جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. انهيءَ ذميواريءَ کانپوءِ طبيبن جي مسئلن جي حل لاءِ سچائي سان ڪوششون ورتائين. 1987ع ڌاري نيشنل ڪائونسل فار طب اسلام آباد جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين ۽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. سندس ئي ڪوششن سان ’مهراڻ طبيه ڪاليج‘ مورو ۽ ’نيشنل طبيه‘ ڪاليج لاڙڪاڻو منظور ٿيا. 1982ع ڌاري حڪيمن جو وفد حج لاءِ ويو، جنهن جي سربراهي پڻ ڪيائين. هن طب بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ميون مان ٺهندڙ طبي نسخن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. طب جي موضوع تي ڪتابن کان سواءِ سندس شاعريءَ جا ڪتاب ڇپايل آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) دوا سازي (1999ع)، (2) استاد فارسي (مرتب: 2001ع)، (3) ابتدائي عربي گرامر (2001ع)، (4) اڪ ۽ ٻٻر (2003ع)، (5) اندر جي اڪير (مرتب)، (6) وڻ، ٻوٽا ۽ ميوا (2004ع)، (7) آسان طبي نسخا (2005ع)، (8) الطبيب ڀاڱو پهريون (2005ع)، (9) الطبيب ڀاڱو ٻيو، (10) دل ٿي پڪاري سنڌڙي (ترتيب) 2005ع، (11) وڻ، ٻوٽا، علاج ۽ فائدا (2007ع)، (12) ڦٽڪي جا فائدا (2007ع)، (13) طبي لغات الف، ب، ٻ (2009ع)، (14) الطبيب ڀاڱو ٽيون (2010ع)، (15) کير ۽ بيضا (2010ع) شامل آهن.
هيءُ هن وقت مهراڻ طيبه ڪاليج موري جو اعزازي ايڊمنسٽريٽر ۽ نائب صدر آهي


لفظ حڪيم غلام رسول لاکوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.04.05  عيسوي

نامور حڪيم، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ حڪيم غلام رسول لاکو ولد حاجي محمد عباس لاکو 5 اپريل 1952ع تي ڳوٺ دودي ٻگهيي، تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي مير شاهه
ديپڪ آشا
دارا شڪوه 1
صالح بيگ مرزا ترخان ثاني
ڄام ڪرارالدين
جالنڌري حفيظ
آگھمي ابو طالب
بابا رامداس
عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
الطاف پيرزادو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون